اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي زلزلي م??اثرين جي لاءِ عطيو جمع ڪرائڻ جي ملڪ گير مهم هلائڻ جي هدايت ڪندي عوام جي سمورن طبقن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ترڪيه جي م??يبت ??ٽيل ڀينرن ڀائرن جي لاءِ دل کولي عطيو ڏين، اسان کي عطيي سان پنهنجي ترڪيه جي عوام کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته اسان انهن سان گڏ آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪندي چيو آهي ته تعليم، مذهبي م??املن، ناڻي، واپار ۽ معاشي م??املن واري وزيرن، صوبائي حڪومتن کي عطيو گڏ ڪرڻ جي مهم ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. وزيراعظم چيو ته صنعت ۽ واپار وارا ايوان، ڪاروباري برادري، سرنديءَ وارن ماڻهن، عالم سڳورن، تعليمي ادارن سميت معاشري جي سمورن طبقن کي مهم ۾ شامل ڪيو ويندو. هن تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کي تعليمي ادارن ۾ عطيو گڏ ڪرڻ جي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه جي زلزلي م??اثرين جي م??د جي اپيل تحت مهم هلائي وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي تعليم وارو وفاقي وز??ر اڄ جمعي کان مختلف تعليمي ادارن جو دورو ڪندو. تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين وزيراعظم پاران شاگردن کي عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪندو. تعليمي ادارن ۾ ترڪيه جي عوام لاءِ خصوصي ڪئمپ هنيا ويندا. گڏ ٿيندڙ عطيو ترڪيه جي عوام جي م??د لاءِ استعمال ٿيندو. مذهبي م??املن وارو وفاقي وزير مذهبي طبقن ۽ عالم سڳورن سان رابطو ڪندو. ترڪيه جي عوام جي م??د لاءِ عوامي راءِ هموار ڪندو. وزيراعظم عوام جي سمورن طبقن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ترڪيه جي م??يبت ??ٽيل ڀينرن ڀائرن جي لاءِ دل کولي عطيو ڏين. اسان کي عطيي سان پنهنجي ترڪيه جي عوام کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته اسان انهن سان گڏ آهيون.