اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي درپيش اقتصادي مشڪلاتن جي ڏس ۾ قيادت کي پاڻ پنهنجو مثال پيش ڪندي ڪفايت شعاري جي قدمن ذريعي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ عوام تي پوندڙ بار کي پاڻ ئي کڻڻ اسان جي حڪومت جي سُڃاڻپ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??را??ظم چيو ته ملڪ اجتماعي ڪوششن جي ذريعي ئي موجوده بحراني ڪيفيت مان نڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڪفايت شعاري جا قدم جنهن جي شروعات ڪابينا ميمبرن جي پنهنجي پگهارن ۽ مراعتن تا?? رضاڪاراڻي دستبردار سان ٿي رهي آهي، جنهن جي ذريعي قومي ناڻي کي ساليانو 200 ارب رپين جي ب??ت ٿيندي. وز??را??ظم اتحادي پارٽين جو ان سلسلي ۾ حمايت تي ٿورا مڃيا. وز??را??ظم چيو ته هو ڪفايت شعاري جي قدمن تي عملدرآمد جي پاڻ نگراني ڪندو.