اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??سلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز سومر کان ساهيوال جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندي ۽ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ??ريم نواز جي صدارت ۾ سڀاڻي 28 فيبروري تي ساهيوال ۾ تنظيمي اجلاس ٿيندو. اجلاس ۾ پارٽي جا مقامي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا. هن چيو ته اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. مريم نواز سوشل مي??يا?? عورتن ۽ يوٿ ونگ جي عهديدارن پڻ ملاقات ڪندي. واضح رهي ته ??ريم نواز پهرين فيبروري ک??ن تنظيمي دورن جي شروعات ڪئي هئي، هو بهاولپور، ملتان، ايبٽ آباد، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ سرگوڌا ڊويزنن جا دورا ڪري چڪي آهي.