اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان س??ود?? عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپ?? معمول تي آڻڻ جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان عوامي جمهوريه چين پاران س??ود?? عرب ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي شاندار آجيان ڪري ٿو. بيان موجب پاڪستان کي پڪو يقين آهي ته اها اهم سفارتي اڳڀرائي خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيند??. ت??جمان چيو ته ا??ان ان تاريخي معاهدي کي ٺوس بڻائڻ ۾ چين جي دورانديش قيادت جي ڪردار کي ساراهيون ٿا جيڪو تعميري ۽ بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي طاقت کي ظاهر ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ا??ان ان مثبت اڳڀرائي تي س??ود?? عرب ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي قيادت کي ساراهيون ٿا. بيان موجب پاڪستان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ خال کي ڀرڻ جي لاءِ مسلسل تعاون ۽ هم آهنگي جي ڪوششن جي تاريخ سان گڏوگڏ وچ اوڀر ۽ خطي ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. بيان ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي ته اهو مثبت قدم علائقائي تعاون ۽ هم آهنگي جي لاءِ هڪ راهه کي متعين ڪندو.