اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان يورپي يونين پاران پاڪستان کي هائي رسڪ ملڪن جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان پاران جاري بيان موجب ان قدم سان مني لانڊرنگ جي خاتمي/ دهشتگر??ي جي مالي معاونت جي خاتمي ۾ فني مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي کي تسليم ڪيو ويو آهي. ??رج??ان چيو ته اهو قدم نومبر 2022ع ۾ برطانيا جي پاڪستان کي اهڙي طرح جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصلي کانپوءِ سامهون آيو آهي. هن چيو ته فهرست مان نڪرڻ سان پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ادارن جي وچ ۾ مالي ڏيتي ليتي ۾ آساني ٿيندي. ??رج??ان وڌيڪ چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي تعاون جي لاءِ ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۽ حصيدار ملڪن سا?? اينٽي مني لانڊرنگ/ سي ايف ٽي حڪومتن جي اپ گريڊيشن ۾ پنهنجو تجربو شيئر ڪرڻ جو منتظر آهي.