اسلام آباد – 20 – ??پر??ل (اي پي پي) افغانستان ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن عبيد نظاماڻي ڪابل ۾ واپس پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چ??و ته اهو عمل افغان عبوري حڪومت سان ويجهي مشاورت کانپوءِ ممڪن ٿيو آهي. ترجمان چيو ته 15 ??پر??ل تي وقتي افغان پرڏيهي وز??ر امير خان متقي سا?? ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ پاڪستان جي سفارتي مشنز ۽ اهلڪارن جي حفاظت جي حوالي سان افغان عبوري حڪومت جي ضرورت ۽ ذميوارين جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته عبيد نظاماڻي ۽ ان جي ٽيم کي اسان جون نيڪ خواهشون ۽ تعاون حاصل آهي.