پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، فوجي ٺڪاڻن ۽ سول ملڪيتن تي حملو ڪندڙ، اتساهيندڙ، هدايتون ڏيندڙ ۽ منصوبابندي ڪندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، پوري قوم عمران نيازي جو مڪروهه چهرو ۽ ٻهروپيو ڏسي ورتو آهي، جن تي اڳ ۾ پنهنجي حڪومت هٽائڻ جي سازش جو الزام هنيو انهن ??ان ئي اڄ مدد گهري رهيو آهي. گورنر هائوس پشاور ۾ سياسي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي و??ير??عظم چيو ته 9 مئي جا واقعا انتهائي مذمت جوڳا آهن. و??ير??عظم چيو ته هن ريڊيو پاڪستان جي عمارت جو دورو ڪيو آهي ۽ اتان جي صورتحال ڏسي انتهائي افسوس ٿيو آهي، اهڙي طرح جون ڪارروايون ته دهشتگرد ڪندا آهن، 9 مئي جا واقعا انتهائي افسوسناڪ آهن، 9 مئي تي پوري ملڪ ۾ دهشتگردي ڪئي وئي ۽ اهو ڏينهن ملڪ جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن هو، پنج??ب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سول ملڪيتن ۽ فوجي ٺڪاڻ?? کي نقصان پهچايو ويو، عمران نيازي جي حڪم تي جٿن اها شرپسندي ڪئي، انه?? کي باقاعده هدايتون ڏنيون ويون ته هنن هنن جاين تي ڪارروايون ڪرڻيون آهن، انهن واقعن جو اسان جي معاشري تي گهرو اثر پيو آهي، 75 سالن ۾ ڪنه?? کي ائين ڪرڻ جي جرئت نه ٿي، ملڪ ۾ وڏا وڏا واقعا ۽ حادثا ٿيا پر تحمل، بردباري ۽ برداشت سان انهن حادثن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏنو ويو، سياسي پارٽيون احتجاج ڪنديون آهن پر انهن جو احتجاج پرامن هوندو آهي، ڪڏهن ڪنهن فوجي ٺڪاڻن تي ائين حملا نه ڪيا، پهريون ڀيرو اهڙا واقعا ٿيا آهن، حڪومت جي ذميواري آهي ته جن ڀڃ ڊاهه ڪئي، منصوبابندي ڪئي، هدايتون جاري ڪيون، ماڻه?? کي اتساهيو ۽ گارگند ڪئي، فوجي ۽ سول ٺڪاڻن تي حملا ڪيا اهي ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، وڏي مشاورت کانپوءِ اهو طئي ٿيو آهي ته سول ملڪيتن تي حملا ڪندڙن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪارروائي ٿيندي ۽ انه?? کي ثبوت سان گڏ ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو جڏهن ته فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ آئين پاڪ فوج کي جيڪي اختيار ڏنا آهن انهن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ پارليامينٽ ۾ قرارداد منظور ٿي چڪي آهي، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ ۾ جتي جتي به اهي واقعا ٿيا ذميوارن جي خلاف قانون تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي، جيڪو به ملوث هوندو ان سان قطعي طور تي ڪا به رعايت نه ٿيندي ڇو ته جيڪڏهن انه?? کي سخت سزا نه ڏني وئي ته ان سان ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان ٿي سگهي ٿو. و??ير??عظم چيو ته عمران نيازي ۽ ان جو جٿو اهڙن ملڪن جن تي هو اڳ ۾ پنهنجي حڪومت ختم ڪرڻ جو الزام هڻندو هو اڄ انه?? کي اپيلون ڪري رهيو آهي ۽ انهن ??ان مدد گهري رهيو آهي. و??ير??عظم چيو ته قوم عمران نيازي جو مڪروهه چهرو ۽ ٻهروپيو ڏسي ورتو آهي، هاڻي قانون حرڪت ۾ ايندو، ريڊيو پاڪستان 13 ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي آزادي جي خوشخبري ٻڌائي هئي ان جي تاريخي ورثي کي تباهه ڪيو ويو، ان ??ان وڌيڪ دشمني ۽ تباهي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. و??ير??عظم چيو ته اڄ مون پشاور ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي آهي ۽ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو آهي، ان حوالي سان تمام سٺي اڳڀرائي ٿي آهي، ان تي صوبائي حڪومت، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي.