راولپنڊي- 25 مئي (اي پي پي) پاڪ فو?? جي جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ يوم تڪريم شهدا پاڪستان جي مرڪزي تقريب منعقد ٿي جنهن جو خاص مهمان آرمي چيف جنرل عاصم منير هو. تقريب ۾ پاڪ فضائيه، پاڪ بحريه جي سربراهن، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ آفيسر به شريڪ ٿيا جنهن ۾ اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه، اڳوڻو چيئر??ين جوائنٽ چيفس جنرل نديم رضا ۽ ٻين رٽائرڊ آفيسرن، چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئر??ين مولانا عبدالخبير آز??د، مفتي منيب الرحمان، قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مشهور شخصيتن ۽ شهيدن جي وارثن شرڪت ڪئي. تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو جنهن کانپوءِ قومي تراني جي ڌن وڄائ?? وئي. آرمي چيف جنرل عاصم منير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، گل رکيا، فاتحه خواني ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي، جڏهن ته نيوي ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهن، اعليٰ فو??ي ۽ پوليس آفيسرن به شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. تقريب ۾ موجود شهيدن جي وارثن ۽ اسڪول جي ٻارن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا.