اسلام آباد – 14 – جون (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج جو افتتاح ڪري ڇڏيو، اهو منصوبو هڪ سال جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم کي منصوبي جي افتتاح کان اڳ ان بابت بريفنگ ڏني وئي. سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي ۽ انجم عقيل خان پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج جي ڊيگهه 2 ڪلوميٽر آهي، جيڪو سري نگر هائي وي تي آه??. ا?? جا چار لوپس آهن ۽ هڪ فلائي اوور آه??. ا??و منصوبو هڪ سال جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو. ان سان ٽريفڪ جي وهڪري کي برقرار رکڻ ۾ مدد ملند??. ا??و منصوبو جي سڪس ۽ جي سيون کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. ان منصوبي ۾ 615 ميٽر جو هڪ انڊر پاس پڻ شامل آه??. ا?? منصوبي تي ڪل لاڳت 2 ارب رپ??ن کان به گهٽ آهي.