اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جو افغانستان بابت خصوصي نمائندو آصف دراني هن وقت افغانستان جي دوري تي آهي. پريس بريفنگ ۾ هن ??يو ته افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي خصوصي نمائندي جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس افغانستان جو پهريون سرڪاري دورو آهي. هن ??يو ته آصف دراني دوري دوران افغانستان جي وقتي نائب وزيراعظم ملا عبدالڪبير، وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي، واپار واري وقتي وزير نورالدين عزيزي، ??حت واري وقتي وزير ڊاڪٽر قلندر عباد ۽ اعليٰ تعليم واري وقتي وزير شيخ ندا سان ملاقات ڪئي. ??رج??ان چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن کي شامل ڪيو ويو. هن ??يو ته پاڪستان جي افعانستان بابت خصوصي نمائندي ملاقاتن ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي جي گڏيل مضبوط هدفن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ??رج??ان چيو ته پاڪستان دلچسپي جي سمورن معاملن تي عبوري افغان حڪومت سان فعال طور تي ڳالهه ٻولهه جاري رکندو.