اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو ۽ آزاد ڪشمير جي ضلعي ڪوٽلي جي ڳوٺ اولي جي رهواسي 60 سالا شهري غياث جي ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهادت تي پاڪس??ان جو سخت احتجاج رڪارڊ ??رايو ويو، اهو واقعو 21 آگسٽ 2023ع تي لائين آ?? ڪنٽرول (ايل او سي) جي نڪيال سيڪٽر ۾ پيش آيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪس??ان لائين آ?? ڪنٽرول تي امن امان کي برقرار ر??ڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جون ڪارروايون 2003ع جي سيز فائر مفاهمت جي واضح خلاف ورزي آهن، جنهن جي فيبروري 2021ع ۾ تجديد ڪئي وئي هئي. بيان موجب ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڀارتي فوج کي انتهائي اح??يا?? ڪرڻ گهرجي ڇو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ انساني وقار ۽ عالمي انساني حقن ۽ انساني قانونن جي ابتڙ آهي. ڀارت تي زور ڏنو ويو ته هو واقعي جي جاچ ڪري ۽ سيز فائر مفاهمت جو احترام ڪري.