اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ پاور ڊويزن واري سيڪريٽري راشد محمود لنگڙيال چيو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جو وڏو فرق 400 يونٽ کان وڌيڪ يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين تي لاڳو آهي، 63.5 سيڪڙو ڊوميسٽڪ صارفين لا??ِ ٽيرف ۾ ڪو به اضافو ناهي ڪيو ويو، 31.6 سيڪڙو ڊوميسٽڪ صارفين لا??ِ بجلي جي قيمتن ۾ 3 رو??ين کان 6.5 ر??پي?? في يونٽ اضافو ٿيو جڏهن ته 4.9 سيڪڙو ڊوميسٽڪ صارفين لا??ِ ٽيرف ۾ 7.5 ر??پي?? في يونٽ اضافو ٿيو، اهڙي طرح ڊوميسٽڪ صارفين لا??ِ سراسري ٽيرف ۾ 3.82 رو??ين جو اضافو ٿيو. اها ڳالهه اينڪرز ۽ بيورو چيفس کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌائي وئي. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري عوام مشڪل صورتحال ۾ ورتل آهي، نگران وزيراعظم اڄ آچر ڏينهن بجلي جي قيمتن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪيو آهي، اجلاس ۾ پاور سيڪٽر سان تعلق رکندڙ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي دعوت ڏني وئي آهي، پاور ڊويزن واري وفاقي سيڪريٽري بريفنگ دوران ٻڌايو ته صارف لا??ِ بجلي جي ٽيرف جو تعين نيپرا ڪندي آهي، ٽه ماهي ٽيرف ايڊجسٽمينٽ جو تعين نون پاور پلانٽس لا??ِ آهي، هن چيو ته ڪنزيومر پرائيس انڊيڪس تحت بجلي جي قيمتن ۾ ڦير ڦار ٿيندي آهي. KIBOR وڌڻ سان به ٽيرف ۾ تبديلي ڪرڻي پوندي آهي، ان کانسواءِ فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ سبب به بجلي جي قيمتن ۾ فرق ايندو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هڪ صارف مئي ۾ 300 يونٽ بجلي استعمال ڪري ٿو ته ان جو فرق جولاءِ جي بل ۾ لڳي ايندو آهي، هن ٻڌايو ته مالي سال 2023ع ۾ اسان 195 ر??پي?? ڊالر ريٽ موجب اگهه نوٽيفائي ڪيا جڏهن ته ان وقت ڊالر جي قيمت 284 رو??ين تائين وئي، اسان آر ايل اين جي جي قيمت 3183 ايم ايم بي ٽي يو ر??پي?? مقرر ڪرڻ جو پلان بڻايو جڏهن ته آر ايل اين جي جي قيمت 3 ??زار کان 3800 جي وچ ۾ رهي، اهڙي طرح ٻاهران گهرايل ڪوئلي جي قيمت به 51 هزار کان 61 هزار ر??پي?? في ميٽرڪ ٽن رهي. هن چيو ته ايندڙ سال اسان کي 2 ٽريلين ر??پي?? صرف ڪيپيسٽي پيمنٽس جي مد ۾ ادائيگيون ڪرڻيون آهن، هن چيو ته جولاءِ 2022ع ۾ وڌ کان وڌ بجلي جو ٽيرف 31.02 ر??پي?? في يونٽ هو ۽ آگسٽ 2023ع ۾ 33.89 ر??پي?? في يونٽ بجلي جي قيمت آهي، هڪ سوال تي وفاقي سيڪريٽري چيو ته ڊسڪوز جي آفيسرن کي فراهم ڪيل بجلي جا مفت يونٽ ختم ڪري رهيا آهيون، واپڊا جي پراڻي ملازمن کانسواءِ ڪنهن کاتي ۾ بجلي جي بلن ۾ رعايت نه پئي ڏني وڃي، هن وقت اها رعايت ڊسڪوز جي ملازمن کي ملي رهي آهي، هن چيو ته ائين ناهي ته سمورو بار بجلي جو بل ادا ڪندڙن تي وڌو پيو وڃي.