اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ اڍائي لک کان وڌيڪ مسجدن کي ٻارن کي تعل??م ڏيڻ جي لا??ِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، عالم اهم سماجي موضوعن تي اسلامي تعليم بابت ماڻهن کي تعل??م ڏين. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو معاشرتي ۽ سماجي ترقي ۾ منبر ۽ محراب جي ڪردار جي حوالي سان اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي انيق احمد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي اوقاف ۽ مذهبي معاملن وارن وزيرن، چئني صوبن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اوقاف ۽ مذهبي معاملن وارن ادارن جي سيڪريٽريز ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري ش??ڪت ڪئي. صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته ماڻهن جي اخلاقي تربيت، اسلامي معاشري جي جوڙجڪ ۾ مبر ۽ محراب جو اهم ڪردار آهي، مسجدون مقامي آبادي کي تعل??م ڏيڻ، رابطي جو اهم ذريعو آهن. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ اسڪولن کان ٻاهر 27 ملين ٻارن کي تعل??م ڏيڻ تمام وڏو چئلينج آهي، اسڪولن کان ٻاهر 27 ملين ٻارن جي تعليم جي لا??ِ هزارين اسڪول گهربل هوندا، سڄي ملڪ ۾ 2.5 لک کان وڌيڪ مسجدن کي شرح خواندگي وڌائڻ جي لا??ِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، ??جر ۽ ظهر جي وچ ۾ مسجدن ۾ ٻارن کي مذهبي تعليم، جديد هنر ۽ تعليم سان ليس ڪري سگهجي ٿو، ??سجدون اسلامي اخلاقي قدرن جي فروغ، ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته عالم، خطيب ۽ مدرسا معاشرتي اصلاح، غيبت، عدم برداشت، فيڪ نيوز جهڙين سماجي براين جي خاتمي لا??ِ ڪم ڪن، وڌندڙ آبادي، عورتن جي حقن، بين المذاهب هم آهنگي، رواداري جو فروغ اهم سماجي معاملا آهن، منبر ۽ محراب ۽ عالمن ڪورونا وبا دوران آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو، عالم بيمارين، غذائي کوٽ ۽ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري سميت مختلف موضوعن تي آگاهي پيدا ڪري سگهن ٿا، مسجدن ۾ مذهبي، تعليمي ۽ سماجي سرگرمين سان مقامي آبادي سان رابطو وڌيڪ مضبوط ٿيندو. اجلاس ۾ ش??ڪت ڪندڙن اهم قومي ۽ سماجي موضوعن تي تعل??م ڏيڻ ۾ عالمن جي ڪردار جي حوالي سان تجويزون پڻ پيش ڪيون.