اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو سڀ کان ??ڏو منصوبو ايم ايل ون (ريلوي) جو تعميراتي ڪم ايندڙ مالي سال کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي جيڪو ٽن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ذريعن موجب نظرثاني ٿيل پلان ??وجب ايم ايل ون تي 6.7 ارب ڊ??لر جي مجموعي لاڳت ايندي جنهن تي پاڪستان ۽ چين جو مڪمل اتفاق ٿي چڪو آهي. ياد رهي ته ان ??نصوبي تي شروعاتي لاڳت 9 ارب ڊ??لر جي لڳ ڀڳ هئي پ?? هاڻي اهو منصوبو 6.7 ارب ڊ??لر جي لاڳت سان شروع ٿيندو جنهن تي ٻنهي ڌرين جو مڪمل اتفاق ٿي چڪو آهي ۽ ان حوالي سان ??لندڙ مهيني جي شروع ۾ ٿيندڙ جوائنٽ ورڪنگ گ??وپ جو هڪ اهم اجلاس پڻ منعقد ڪيو ويو هو. ذريعن موجب ايم ايل ون فيز ون جي لاڳت 2.7 ارب ڊ??لر، فيز ٽو جي لاڳت 2.6 ارب ڊ??لر ۽ فيز ٿري جي لاڳت 1.4 ارب ڊ??لر هوندي. پهرين مرحلي ۾ ايم ايل ون تحت نوابشاهه کان روهڙي، ملتان کان ??اهور ريلوي ٽريڪ ٺهندو، ٻئي مرحلي ۾ لاهور کان ??الا موسيٰ، ڪيماڙي کان حيدرآباد ريلوي ٽريڪ جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ حيدرآباد کان ??لتان، لالا موسيٰ کان راولپنڊي ريلوي ٽريڪ ٺاهيا ويندا. وڌيڪ اهو ته ايم ايل ون تحت راولپنڊي کان ??شاور ۽ حويليان تائين ٻه ڊرائي پورٽس پڻ ٺاهيون وينديون جڏهن ته ايم ايل ون جي مڪمل ٿيڻ سان 134 ٽرينون 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رفتار سان ??لنديون. واضح رهي ته ورلڊ بئنڪ پاڪستان حڪومت پاران کنيل قدمن مان ??طمئن آهي ۽ تازو ئي ورلڊ بئنڪ جي اعليٰ عهديدارن پاڪستان جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار پڻ ڪيو ۽ وڌيڪ امداد جاري رکڻ جو عزم پڻ ڪيو آهي.