اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي پاڪستان جي ترقي ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آ??ي ته حڪومت سي پيڪ منصوبن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش جاري رکيون آهن، سي پيڪ روڊ انفراسٽرڪچر، پاور سيڪٽرز ۽ صنعتي زونز ۾ 62 ارب ڊالر جي ??امياب منصوبن جي شڪل ۾ اهم سنگ ميل حاصل ڪيو آهي، روڊ انفراسٽرڪچر، گرين انيشي ايٽو، ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز، اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ ايم ايل ون جي حوالي سان جلد سٺيون خبرون اينديون، نگران حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪري عوام کي ريليف ڏنو آهي، اسان جي ??وشش آ??ي ته وفاقي حڪومت، صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا گڏجي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل ڪري. بحريه يونيورسٽي ۽ چائنا ميڊيا گروپ جي اهتمام هيٺ سي پيڪ آرٽ نمائش کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو (سي پيڪ) B2G کان B2B ۾ داخل ٿي چڪو آهي، سي پيڪ جي ??ري ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌيا آهن جڏهن ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن. هن چيو ته اها حقيقت آ??ي ته فن ۽ ثقافت جو انساني زندگين تي گهرو اثر پوي ٿو، اها ڳالهه حوصلي جوڳي آ??ي ته نمائش ۾ نه رڳو فن کي پيش ڪيو پيو وڃي پر ان ۾ انٽريڪٽو ميڊيا کي به شامل ڪيو ويو آهي، اميد آ??ي ته نئين انٽريڪٽو ميڊيا نوجوانن کي پنهنجي طرف ڇڪيندي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاليسين تي عملدرآمد يقيني بڻائيندي حڪومت سلي پيڪ منصوبن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪوششون جاري رکيون آهن. هن بحريه يونيورسٽي ۽ چائنا ميڊيا گروپ کي آرٽ نمائش منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن سال اسان سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون، مون کي يقين آ??ي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاو?? نئين بلندين تائين پهچندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته روڊ انفراسٽرڪچر، گرين انيشي ايٽو، ٽيڪنالاجي، ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز، اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ ايم ايل ون جي حوالي سان سٺيون خبرون اينديون. مرتضيٰ سولنگي چيو ته موجوده نگران حڪومت جو وچن آ??ي ته جنهن حالت ۾ ملڪ مليو آهي ان کان بهتر حالت ۾ ڇڏي وينداسين. هن چيو ته اڄ ڪافي ماڻهن جي ??هرن تي رونق آهي، نگران حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪري عوام کي ريليف ڏنو آهي، حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو پورو فائدو عوام کي پهچائڻ جي ??وشش ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جي ??وشش آ??ي ته وفاقي حڪومت، صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا گڏجي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل ڪن. هن چيو ته گذريل هفتي جمعي ڏينهن اسان جي اسٽاڪ مارڪيٽ بلند ترين سطح تي هئي، عالمي ادارا پڻ ايندڙ سال پاڪستان جي جي ??ي پي ۾ ٻيڻي اضافي جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي ??وشش هجڻ گهرجي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ٿئي، ملڪ چونڊن طرف اڳتي وڌي. پاڪستان اڳتي وڌندو ته سي پيڪ جا فائدا به بهتر طريقي سان ملندا.