اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪرغزستان جي ڪابينا جي چيئرمين عقيل بيڪ جاپاروف جي دعوت تي 26 آڪٽوبر تي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز گورنمينٽ جي 22 هين اجلاس ۾ پا??ست??ني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ چين، قزاقستان، ڪرغزستان، روس، تاج??ست??ن ۽ ازب??ست??ن جا حڪومتي سربراهه، ايران جو نائب صدر ۽ پا??ست??ن ۽ ڀارت جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا. ايس سي او ۾ مبصر جو درجو رکندڙ ملڪن بيلاروس ۽ منگوليا سان گڏوگڏ ترڪمانستان خصوصي دعوت تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا. شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ ٻيو سڀ کان وڏو فورم آهي، اهو بنيادي طو?? تي معيشت، ماليات، واپار ۽ سماجي اقتصادي تعاون جي شعبن تي ڌيان ڏي ٿو. پا??ست??ن 26 آڪٽوبر 2023ع تي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي صدارت سنڀاليندو. نگران پرڏيهي وزير ا??لاس جي موقعي تي ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.