بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي جي نئين مرحلي ۾ چين سان مختلف شعبن ۾ رابطي ۽ تعاون کي مضبوط بڻائيندو، غذائ?? تحفظ ۽ زراعت جهڙن شعبن ۾ نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ويندي، سڌارن، غربت جي خاتمي، تحقيق ۽ ترقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ چين جي ڪاميابين مان فائدو کڻنداسين، چيني ڪاروباري ادارن جي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي جي لاءِ پاڪستان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار چيني ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نگران وز??راعظم چي?? ته پاڪستان چين ج?? صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) کي ساراهي ٿو ۽ ان جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، پاڪستان چين جي ترقي جي تجربي مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي. نگران وز??راعظم چي?? ته پاڪستان بي آر آئي جي عظيم ويزن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪو اقتصادي ترقي جي ذريعي امن ۽ خوشحالي آڻڻ جو مظهر آهي، پاڪستاني وفد جنهن ۾ اقتصادي، صنعتي، سيڪيورٽي ۽ ٻين شعبن جا اعليٰ عملدار شامل آهن، دوري جي دوران چيني عملدارن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ ميڊيا سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه جو منتظر هو. بي آر آئ?? تحت چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي مثالي منصوبي جي اهميت تي زور ڏيندي نگران وز??راعظم چي?? ته سي پيڪ سان وڏي ترقي ٿي آهي ۽ سندس اباڻي صوبي بلوچستان جي لاءِ ترقي جا روشن امڪان پيدا ٿيا آهن. نگران وز??راعظم چي?? ته پاڪستان سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي جي نئين مرحلي ۾ چين سان رابطي ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو، چين جي مدد سان غذائ?? تحفظ ۽ زراعت جهڙن شعبن ۾ نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائيندو ۽ ڪاروباري ادارن جي حوصلا افزائي ڪند?? ته جيئن اهي واپار کي فروغ ڏئي سگهن ۽ چين سان ٻطرفي تعاون مان فائدو کڻي سگهن. هن چي?? ته پاڪستان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل کي وڌيڪ بهتر بڻائيند?? ته جيئن چيني ڪاروباري ادارن جي کاڻين جي کوٽائي، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ حوصلا افزائي ۽ انهن کي سهولت فراهم ڪري سگهجي ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ٿين. نگران وز??راعظم چي?? ته پاڪستان چيني شهرين جي حفاظت کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ چيني شهرين جي لاءِ حفاظتي طريقيڪار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ ادارن ج?? تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. نگران وز??راعظم ٻنهي ملڪن جي عوام پاران هڪ ٻئي جي زبان ۽ ثقافت بابت ڄاڻڻ ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اميد جو اظهار ڪندي چي?? ته پاڪستان چين سان دوستي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ان ڳالهه تي يقين رکي ٿ?? ته چين سان تعاون موقعن سان ڀرپور آهي. نگران وز??راعظم چي?? ته پاڪستان سڌارن، ترقي، غربت جي خاتمي، تحقيق ۽ ترقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ چين جي ڪاميابين مان فائدو کڻندو ۽ چين سان تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. نگران وز??راعظم چين ج?? صدر شي جن پنگ جي ??ال??ي ترقي جي قدمن، ??ال??ي سيڪيورٽي جي قدمن ۽ ??ال??ي تهذيب بابت قدمن کي ساراهيندي چي?? ته اهو دنيا کي درپيش پيچيده ??ال??ي چئلينجن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ طريقيڪار ۽ اهم محرڪ آهي.