اسلام آ??اد – 27 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته چين جي اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاڏاڻي ??ي تمام گهڻو ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي، هو پاڪستان جو عظيم دوست هو. نگران وزيراعظم چيو ته اسان کي 2013ع ۾ سندس پ??ڪستان جو دورو چڱي ريت ياد آهي. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جا جذبا ۽ همدرديون اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي خاندان ۽ چيني قوم سان گڏ آهن.