اسلام آباد-15 نومبر(اي پي پي) ناڻي، محصولات ۽ اقتصادي معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ رياستي مل??يتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڪميٽي جي سمورن ميمبرن سان گڏ ايس اي سي پي جو چيئرم??ن، وفاقي سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي گذريل گڏجاڻي جي ??دايتن موجب رياستي مل??يتي انٽر پرائيزز(ملڪيت ۽ انتظام) پاليسي 2023ع، ڪميٽي جي ??يمبرن کان مليل تاثرن کي شامل ڪرڻ ??عد جائزي لاءِ ٻيهر ڪميٽي وٽ جمع ڪرائي. ڪميٽي جي ??سودي ۾ شامل تبديلين جو جائزو ورتو ۽ ڪابينا جي ??نظوري لاءِ نظرثاني ٿيل پاليسي جي سفارش ڪئي. هي پاليسي رياستي مل??يت واري ڪاروباري ادارن (گورننس اينڊ آپريشنز) ايڪٽ 2023ع ۾ بيان ڪيل وسيع تر مقصدن موجب رياستي مل??يت وارن ادارن جي حڪمراني ۽ آپريشنز کي وڌائڻ طرف هڪ اهم قدم جي ??شاندهي ڪري ٿي.