اسلام آباد- 10 جنوري (اي پي پي) تعيلم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي خاطري ڪرائي آهي ته ڊيلي ويجز ملازمن جا مئسلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. تعليم واري وزارت مان جاري ڪيل پريس رليز مطابق هن اها خاطري ڊيلي ويجز ملازمن جي وفد سان ملاقات دوران ڪرائي. وفاقي وزير چيو ته ڪابينه 227 ڊيلي ويجز ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ جي به منظور ڏني آهي. هن چيو ته انهن ڊيلي ويجز ملازمن ا??ف پي ايس سي جي ٽيسٽ پاس ڪئي آهي، ان ڪري انهن کي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي مطابق ريگيولر ڪيو ويندو، جنهن کي سپريم ڪورٽ پڻ برقرار رکيو آهي. هن چيو ته استاد قومن جي جوڙجڪ ڪندا آهن ۽ انهن کي هر طرح جي سهولت فرا??م ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجو ڪم چڱيءَ ري?? انجام ڏئي سگهن. هن سرڪاري شعبي خاص ڪري وفاقي گاديءَ واري شهر ۾ تعليم جي معيار کي بلند ڪرڻ جي پنهنجي عز?? کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ به اولين ترجيح آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ سڀ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته ان انگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي.