اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پ?? پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معامل?? وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ ??ول??گي پ??مرا جي چيئرمين محمد سليم بيگ جي وڏي ڀاءُ ظفر بيگ جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ پيمرا چيئرمين جي آفيس ويو ۽ پيمرا چيئرمين محمد سليم بيگ جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي ايصال ۽ ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معامل?? واري نگران وفاقي وزير چيو ته پيمرا چيئرمين جي ڀاءُ ظفر بيگ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. مرحوم جو لاڏاڻو ڏکويل خاندان جي لاءِ وڏو صدمو ۽ ناقابل تلافي نقصان آهي، جنهن کي وڏي عرصي تائين ڀري نه ٿو سگهجي. مرتضيٰ ??ول??گي چيو ته هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. اطلاعات ۽ پارلياماني معامل?? واري نگران وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ظفر بيگ کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.