ڪراچي – 01 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊ عمل هر صورت ۾ جاري رهڻ گهرجي، معيشت، پرڏيهي پاليسي، مقامي حڪومتن، گورننس ۽ سول سروس ريفارمز سميت ملڪ کي ??رپيش وڏن مسئلن تي بحث ٿيڻ گهرجي، ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت ڪندڙ پارٽي سياست ۾ به جمهوريت آڻين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ 2024ع جي چونڊن بابت منعقد سيمينار بعنوان ”نئين حڪومت جي لاءِ چئلينجز ۽ روڊ ميپ“ کي ??طاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته سيمينار ۾ مقررين تاريخي پس منظر کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو ۽ جهڙي طريقي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ان کانپوءِ اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي جو تاثر ختم ٿيڻ گهرجي. هن ??يو ته جمهوري نظام ۽ چونڊ عمل ۾ ڪيترين ئي خامين جي باوجود هر هڪ جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته چونڊون ٿيڻ گهرجن، اهو عمل نه رڪجڻ گهرجي. هن ??يو ته 17 آگسٽ 2023ع تي نگران ڪابينا جي جوڙجڪ کانپوءِ مستقل مزاجي سان چئي رهيا آهيون ته چونڊون ضرور ٿينديون ۽ 8 فيبروري جي مقرر تاريخ تي ئي ٿينديون. هن ??يو ته سيڪيورٽي ۽ موسم جا مسئلا حقيقي آهن پر اهي مسئلا اڳ ۾ به رهيا آهن. 2008ع ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ به سيڪيورٽي جا مسئلا هئا، پاڪستان جي پهرين بالغ راءِ ڏيڻ جون چونڊون 7 ڊسمبر 1970ع تي شديد سرديءَ جي موسم ۾ ٿيون هيون. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ کي ??ڄ ڪيترائي مسئلا ۽ چئلينجز درپيش آهن ۽ ملڪ مختلف قسم جي بحرانن کي منهن ??ئي رهيو آهي، ملڪي معيشت ۾ ٽيڪس ريفارمز جي ضرورت آهي، ان کانسواءِ آئين تحت مقامي حڪومتن جو نظام لازمي آهي پر بدقسمتي سان مقامي حڪومتن جو نظام بلڪل مفلوج آهي. هن ??يو ته 18 هين ترميم کانپوءِ وسيلا صوبن ڏانهن منتقل ٿيا پر بدقسمتي سان اهي وسيلا هيٺئين سطح تي منتقل نه ٿي سگهيا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ ليول پليئنگ فيلڊ جا به مسئلا رهيا آهن، ملڪ جي غريب ۽ وچولي طبقي کي ڪڏهن به ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي، حقيقي جمهوريت تڏهن ئي ايندي جڏهن مڊل ڪلاس، لوئر مڊل ڪلاس ۽ ورڪنگ ڪلاس ??لي??شن ۾ بيهي سگهندي. هن ??يو ته ڪجهه پارٽيون ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت ڪن ٿيون ڇا ڪير انهن ??ان پڇي ته ڇا انهن جي پارٽي جي اندر جمهوريت آهي؟ ڇا انهن پنهنجي پارٽي ۾ ڪڏهن ??لي??شن ڪرايون آهن؟ ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت ڪندڙ پارٽي سياست ۾ به جمهوريت آڻين. هن ??يو ته معيشت، پرڏيهي پاليسي، مقامي حڪومتن، گورننس ۽ سول سروس ريفارمز ملڪ جا حقيقي ۽ بنيادي مسئلا آهن، اسان کي ??نهن مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ۽ ??لي??شن کانپوءِ ملڪ کي ??رپيش وڏن چئلينجز تي قومي اتفاق راءِ هجڻ گهرجي. هن ??يو ته سياست ضرور ڪريو پر ملڪ جي مستقبل تي سياست نه ٿيڻ گهرجي.