اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ا??راهيم وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي ٽيليفون ڪري مبارڪباد ڏ??ي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملائيشيا جي وزيراعظم انور ا??راهيم وزيراعظم محمد شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏ??ي ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملائيشيا جي وزيراعظم قائد مسلم ليگ (ن) محمد نواز شريف جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، جنهن تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ملائيشيا سان واپاري ۽ سفارتي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم انور ا??راهيم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.