اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڀارتي قابض عملدار پن??نج?? غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ دريافت ٿيندڙ ليٿيم جي زخيرن جي ڪجهه بلاڪس کي نيلام ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهن، اهي خدشا آهن ته والاريل علائقي کان ٻاهر جي ڪارپوريشنن کي ڪشميري عوام جي ان قيمتي وسيلن مان فائدو کڻڻ جا ٺيڪا ڏنا ويندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته قابض عملدارن پاران ڪشميرين کي انهن جي قدرتي وسيلن جي حق کان محروم ڪرڻ جا قدم قانوني ۽ استحصالي آهن. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي ان جي قدرتي وسيلن کان محروم نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير جي ماڻهن جو پن??نج?? وطن جي دولت تي سڀ کان وڌيڪ حق آهي جنهن ۾ ليٿيم جهڙي قيمتي ڌات به شامل آهي. ترجمان چيو ته اسان ڀارت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو اهڙي طرح جي استحصالي منصوبن کي رد ڪري ?? پن??نج?? زمين ۽ قدرتي وسيلن تي ڪشميرين جي حق جو احترام ڪري. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.