واشنگٽن -16 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي، ته آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جهڙن ادارن کي ماحولياتي تبديلين وارن متاثر ملڪن ۾ مالياتي ??مو??يت ۽ ماحولياتي لحاظ کان موذون ڍانچي وار منصوبن ۾ سهڪار لاءِ اڳيان وڌڻ گهرجي. عالمي مالياتي فنڊ سان گڏيل اعتماد سان اڳيان وڌي رهيا آهيون. جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪس ۽ سيڙپڪاري جي شرح کي 15 سيڪڙو جي سطح تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سيڙپڪاري ۾ واڌ لاءِ سنگاپور ۽ دبئي جيئان اسان کي به سوچ ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. اسان کي ا??ڪسپورٽ ۾ واڌ ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن واشنگٽن ڊي سي ۾ امريڪي ٿنڪ ٽينڪ (ايٽلانٽڪ ڪائونسل) جي پروگرام ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. هن چيو ته هن ??ال معيشت جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. ايس بي ا?? پروگرام سبب معيشت جي استحڪام ۾ مدد ملي، جي ڊي پي درست رخ تي آهي، زراعت ۾ 5 سيڪڙو اوسر ٿي، خدمتن جي شعبي ۾ به اوسر ٿي آهي. ناڻي واڌ جي شرح 37 سيڪڙو جي بلند ترين سطح کان 20 سيڪڙو جي شرح تي آئي آهي. آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ اوسر جي رخن کي ا??ميت ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته حڪمراني ۾ بهتري سبب معاملا بهتري طرف وڃي سگهن ٿا. ڪوشش هوندي ته پنهنجي گذريل تجربي کي ملڪي بهتري لاءِ استعمال ۾ آڻيون.ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي ڪوشش آهي، ته جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪس جي شرح کي 15 سيڪڙو ۽ اهڙي ريت جي ڊي پي جي شرح سان سيڙپڪاري جي شرح کي به 15 سيڪڙو جي سطح تائين آندو وڃي. اسان کي ا??ڪسپورٽ ۾ واڌ ۽ نجڪاري جي ا??جنڊا کي اڳيان وڌائڻو آهي. هي ا??ي معاملا آهن ??يڪي اسان جي معيشت لاءِ انتهائي ضروري آهن ۽ انهن معاملن تي آءِ ايم ايف سان اسان جون ڳال??يو?? هلي ر??يو?? آهن، جيڪڏهن ??سان ڍانچي وار سڌارن تي عمل نه ڪيو ته اسان کي مستقبل ۾ به آءِ ايم ايف تي ڀاڙڻو پوندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف مشن سان گذريل ڳال??يو?? هاڪاري ۽ تعميري ر??يو??، اسان گڏيل اعتماد سان اڳيان وڌڻ چا??يو?? ٿا. ايس بي ا?? پروگرام جي حوالي سان پاڪستان سمورن نقطن تي عمل ڪيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ڊگهي مدي جي بنيادن تي ٽيڪس ليڪيجز کي بند ۽ ٽيڪس بابت ڪيسن کي ٽربيونل ذريعي جلد اڪلائڻ چا??يو?? ٿا. ان سان گڏوگڏ ٽيڪس جي بنياد ۽ دائري ۾ توسيع اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. صنعت، خدمت، ريٽيل هول سيلز ۽ زراعت جو جي ڊي پي ۾ جيڪو حصو آهي، ان ئي شرح سان ٽيڪس جي شرح ناهي، ان سلسلي ۾ اسان ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون. ٽيڪس جي نظام ۾ انساني مداخلت کي گهٽائڻ لاءِ اثرائتي ا??داز ۾ ڪم ٿي رهيو آهي جنهن ??ان نظام ۾ شفافيت ايندي، خرچن تي ضابطو آڻڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي اسان ايتري مالي گنجائش پيدا ڪري سگهون ٿا جنهن ??ان چائلڊ اسٽنٽنگ ۽ ٻين عوامي مسئلن جي حل لاءِ وسيلا دستياب ٿي سگهن ٿا. ناڻي واري وزير چيو ته سيرپڪاري لاءِ پاليسيون موجود آهن پر انهن ??ي عمل جي ضرورت آهي، اسان کي ون ونڊوز ذريعي نه رڳو پرڏيهي پر ملڪي سيڙپڪارن کي به سيڙپڪاري طرف آڻڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ان سان روزگار جا موقعا وڌندا. هن چيو ته مالياتي ا??ڪلوزن ۽ ماحولياتي تبديلي ٻه اهم معاملا آهن، آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جهڙن ادارن کي پاڪستان جهڙي ماحولياتي تبديلين جي متاثر ملڪن ۾ مالياتي ??مو??يت ۽ ماحولياتي لحاظ کان موذون ڍانچي وار منصوبن ۾ سهڪار لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪندڙ آءِ ٽي ڪمپنين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.