اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ??زه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪ??دي چيو آهي ته والاريل فلسطيني علائقي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت معصوم شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ رفح ڪراسنگ تي حملي ۽ گهيراءُ جي مذمت ڪ??دي چيو ته اسرائيل کي عالمي انساني قانون جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. اسرائيل پنهنجي تازه ڪاررواين مان ??ابت ڪيو آهي ته هو عالمي انساني حقن جي قانونن جي خلاف ورزي ۽ غزه ۾ نسل ڪشيءَ جو مرڪتب ٿي رهيو آهي. هن فوري جنگبندي، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي محصور ماڻهن جي لاءِ بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد تائين پهچ ڏيڻ تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڪيترن ئي مهينن کان فلسطينين تي اسرائيلي جارحيت ڪئي پئي وڃي، فلسطينين تي ظلم ۽ ڏاڍ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ عالمي ادارن کي فلسطينين تي جاري ڏاڍ جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پاڪستان ??المي سطح ۽ فورمز تي غزه ۾ جاري ظلمن ۽ غزه ۾ ٻارن ۽ عورتن تي ظلمن جي مذمت ڪئي آهي. هن پاڪستان ??ي ان ??صولي موقف هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته هو گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڪشمير هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن کي گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. ترجمان گيمبيا ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي پڌرنامي ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار بابت او آءِ سي جي موقف کي ساراهي??دي چيو ته اجلاس ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي ڀرپور حمايت ڪئي.