لاهور – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪڻڪ جي خريداري ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال جي لاءِ هدايتن تي عمل نه ڪرڻ ۽ غفلت ڪرڻ تي پاسڪو جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ جن??ل مئنيجر پروڪيورمنٽ کي معطل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ??ه حڪومت ملڪ ۾ غذائي تحفظ يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي ??هي، آبادگارن جو نقصان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت ڪڻڪ جي طلب ۽ پهچ ۽ وفاقي حڪومت جي خريداري جي پروگرام جي حوالي ??ان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا ??نوير حسين، اقتصاديات واري وفاقي وزير احد خان چيما، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا ??ح??ان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ??ان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته آبادگارن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ملڪ ۾ غذائي تحفظ جي حوالي ??ان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي ??هي. وزيراعظم پڇاڻو ڪيو ته ڪڻڪ جي خريداري جي عمل لاءِ موبائيل ايپلي ڪيشن تيار ڇو نه ڪرائي وئي؟ وزيراعظ?? ڪڻڪ خريداري جي عمل ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال جي حوالي ??ان هدايتن تي عمل نه ڪرڻ ۽ ان حوالي ??ان غفلت ڪرڻ تي پاسڪو جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جن??ل مئنيجر پروڪيورمنٽ کي معطل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪڻڪ جي خريداري جو عمل صاف ۽ شفاف بڻائڻ جي حوالي ??ان ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ موبائيل فون ايپلي ڪيشن جلد کان جلد تيار ڪئي وڃي. هن پاسڪو جي اسٽاڪ جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته آبادگار جي معاشي تحفظ جي لاءِ جنسن جي انشورنس کي يقيني بڻايو وڃي. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم پاسڪو کي چار لک ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ جي شفاف ۽ موثر طريقي ??ان خريداري ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته آبادگار جو نقصان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پاسڪو مرڪزن ۽ آفيسرن جي چونڊ ڪئي ويندي ۽ انهن جي حڪومتي سطح تي پذيرائي ڪئي ويندي.