اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت بين المذاهب هم اهنگي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ٻڌمت جي اڳواڻن جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. وفد پرڏيهي وزارت جي اهتمام هيٺ هڪ سمپوزيم ۽ ”گنڌارا کان دنيا تائين“ جي عنوان سان هڪ نمائش ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. وفد ۾ سريلنڪا جو ٻڌا ساسنا، مذهبي ۽ ثقافتي معاملن وارو وزير ودورا وڪرما نائيڪا، ويٽنام مان ٿيچ ڊڪ ٽوان، ٿائيلينڊ مان انيل ساڪيا ۽ نيپال مان ??اڪٽر ڪيشبمن شاڪيا شامل هئا. وزيراعظم وفد جي آجيان ??ئي. هن سمپوزيم ۾ انهن جي شرڪت تي ٿورا مڃيا جيڪو ويساک ڊي جي سلسلي ۾ ??نع??د ڪيو پيو وڃي جيڪو مهاتما ٻڌ جي پيدائش، روشن خيالي ۽ لاڏاڻي جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ي پنهنجي ٻڌمت جي قديم ورثي تي فخر آهي جيڪو ٻه هزار سال اڳ گنڌارا آرٽ ۽ ثقافت جي شڪل ۾ اتر اوڀر پاڪستان ۾ پروان ??ڙهيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت بين المذاهب هم آهنگي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي. هن بين المذاهب هم آهنگي ۽ افهام تفهيم جي فروغ جي لاءِ ٻڌمت جي عالمن ۽ راهبن جي اڻٿڪ خدمتن جو پڻ اعتراف ڪيو. ٻڌ اڳواڻن س??ور?? مذهبن جي لاءِ شموليت ۽ احترام جي ثقافت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم جي عزم کي ساراهيو. هن ٻڌمت جي ورثي جي جاين ۽ ثقافتي ??ين جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. وفد جي ميمبرن پاڪستان ۾ ٻڌمت جي ورثي جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ پاڪستان سان تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم ۽ وفد بين المذاهب مڪالمي ۽ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن سان ??ڏوگڏ پاڪستان ۽ ٻڌ اڪثريتي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ علمي مٽاسٽا جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل افهام تفهيم ۽ تعاون جون راهون ڳولڻ ۽ وڌيڪ هم آهنگي ۽ عالمي امن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي لاءِ هڪ گڏيل فورم قائم ڪرڻ جي امڪان تي خاص طور تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ شرڪت ڪئي.