بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خميس ڏينهن بيجنگ ۾ مص??وف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم پ??ڪ چائنا فرينڊشپ اينڊ بزنس ري??يپ??ن کي خطاب ڪندو. وزيراعظم سان چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ايجنسي، چائنا ايگزام بئنڪ، چائنا پاور، چائنا انرجي، چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن ۽ چائنا ڪنسٽرڪشن اينڊ ڪميونيڪشن ڪارپوريشن جي سربراهن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم سائنس پارڪ ۽ اڪيڊمي آف ايگريڪلچر سائ??سز جو دورو پڻ ڪندو.