اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني صنعتن کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جي لاءِ چيني ۽ پاڪستاني ڪمپنين جي گڏيل منصوبن کي اڳتي وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي. سيڙپڪاري بورڊ (بي او آءِ) جي معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته حڪومت ??اپ??رين ۽ سيڙپڪارن لاءِ ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي تازي چين جي دوري دوران شينزين ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) جي پوئيواري بابت جامع رپورٽ پيش ڪن. هن پنهنجي چين جي دوري کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي روشني ۾ خصوصي اقتصادي زونز ون اسٽاپ شاپ جي قا??ون?? مسودي جو جائزو وٺڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چين جي ٽيڪسٽائيل، چمڙي، جُوتن ۽ ٻين صنعتن کي پاڪستان ۾ منتقل ڪرڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي. ان موقعي تي بريفنگ دوران بي او آءِ جي سيڪريٽر?? ٻڌايو ته چيني صنعتن کي پاڪستان منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ اسلام آباد ۾ ??اپ??ري سهُولت مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ چيني ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ”ايزي بزنس ايڪٽ“ جو مسودو قا??ون?? ڪيسن بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن اماڻيو پيو وڃي. اجلاس ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، ??اپ??ر واري وفاقي وزير ڄام ڪمال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل سينيئر سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.