راولپنڊي -22 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان، ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي، ته عزم استحڪام فوجي آپريشن نه، د??شت??ردي خلاف هڪ جامع مهم آهي، هڪ سياسي مافيا ان خلاف ٿي بيٺي آهي ۽ ان کي تڪراري بڻائڻ چاهي ٿي، 9 مئي جي سهولتڪارن ۽ منصوبي سازن کي رعايت ڏيڻ س??ن ڏڦيڙ پيدا ٿيندو، ذ??يو??رن کي ڪيفر ڪردار تائين نه پهچائينداسين ته ملڪ اندر فاشزم وڌيڪ ڦهلجندو، انتشار پسندن طرفان بنون واقعي کان پوءِ ڊجيٽل د??شت??ردي ڪئي وئي. اهڙو اظهار ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هن پريس ڪانفرنس جو مقصد ڪجهه اهم معاملن تي پاڪ فوج جو موقف واضح ڪرڻ آهي، تازو ئي ڪجهه وقت ۾ هٿياربند فوج خلاف ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ منظم پروپئگنڊه، ڪوڙ، غلط ڄاڻ پکيڙڻ ۽ ان سان لاڳاپيل هٿ ٺوڪين خبرن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، اهو ضروري آهي ته انهن معاملن تي ڳالهايو وڃي. هن چيو ته د??شت??ردي جي خاتمي جي سلسلي ۾ 2024ع ۾ 22809 آپريشنز ٿيا، جن ۾ 31 انتهائي گهربل د??شت??ردن سميت 398 د??شت??ردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو، د??شت??ردي جي ان ناسور کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج، پوليس، ڳجهن ادارن سان گڏجي روزانو 112 آپريشنز ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته د??شت??ردن خلاف آپريشنز دوران 137 آفيسرن ۽ جوانن شهادت ماڻي، سڄي قوم انهن بهادر سپوتن ۽ جوانن کي سلام پيش ڪري ٿي جن پنهنجي جان مُلڪ لاءِ قربان ڪئي آهي. هن چيو ته وڌندڙ ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه سبب ضروري آهي ته ان طريقي سان موقف جي وضاحت ٿي سگهي ته جيئن ڪوڙ جو خاتمو ٿي سگهي، پاڪستان ۾ د??شت??ردي تي ضابطو آڻڻ لاءِ آپريشن عزم استحڪام بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو ته ان تي وڌيڪ مونجهارو آهي ته عزم استحڪام ڇا آهي؟ اسان جو مسئلو هن وقت اهو آهي، ته اسان انتهائي سنجيده مسئلن کي به سياست جي حوالي ڪري ڇڏيون ٿا، عزم استحڪام ان جو هڪ مثال آهي، مان چوندس ته عزم استحڪام هڪ د??شت??ردي خلاف هڪ جامع مهم آهي، اهو فوجي آپريشن ناهي، عزم استحڪام جي حوالي سان وزيراعظم جي صدارت هيٺ 22 جون تي نيشنل ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ بچاءَ وارو وزير، نائب وزيراعظم، سڌ سماءَ وارو وزير ۽ لاڳاپيل وزير موجود هئا، سمورن صوبن جا وڏا وزير به موجود هئا. چيف سيڪريٽريز، لاڳاپيل سروسز چيفس، آرمي چيف پڻ موجود هو. اجلاس کان پوءِ پڌرائي جاري ڪئي وئي ۽ بنا ڪنهن سبب جي ابهام پيدا ڪيو ويو، پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو هو ته ايپڪس ڪميٽي جي فورم ڪائونٽر ٽيررزم مهم جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ گهڻ رخي نيشنل ايڪشن پلان کي ڏٺو ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ ۾ خامين جي نشاندهي ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته د??شت??ردي جي خاتمي لاءِ هڪ تفصيلي حڪمت عملي جي ضرورت آهي، جنهن کان پوءِ وزيراعظم د??شت??ردي جي خاتمي جي هڪ وڌيڪ متحرڪ مهم جي منظوري ڏني، ته اها هڪ مهم آهي ۽ ان کي اسان آپريشن عزم استحڪام سان شروع ڪنداسين، ان ۾ اتفاق راءِ هوندو ۽ اها ڪوشش ڪئي ويندي، ته جيڪي ڪوششون هلي رهيون آهن، انهن کي اثرائتي قانون سازي ذريعي بااختيار بڻايو وڃي. هڪ قومي سطح تي را??و ٺاهيو ويندو، فورم ورجاءُ ڪيو ته د??شت??ردي خلاف ڪارروائي پاڪستان جي جنگ آهي ۽ اها اسان جي سلامتي لاءِ ضروري آهي. فورم چيو ته ڪنهن کي به رياست جي عملداري کي چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ان ۾ ڪهڙي آپريشن جي ڳالهه ٿي رهي آهي؟ ان کان پوءِ هڪ ڳالهه هُلائي وئي ته آپريشن ٿي رهيو آهي، ماڻهن کي بيدخل ڪيو پيو وڃي ۽ اسان ان جي مخالفت ڪيون ٿا، جڏهن اهو بيانيو بڻيو ته صرف ٻن ڏينهن کان پوءِ 24 جون تي وزيراعظم آفيس هڪ ٻي پڌرائي جاري ڪري ٿي ۽ ان ۾ چيو ويو ته عزم استحڪام کي غلط سمجهيو پيو وڃي ۽ ان جي را??ه نجات، ضرب عضب آپريشن سان غلط ڀيٽ ڪئي پئي وڃي، پهرين نو گو ايرياز هئا جتي رياست جي عملداريءَ نه هئي ته اتي آپريشن ڪيو ويو، هن وقت نو گو ايرياز ناهن انهي ڪري ڪو به وڏي پئماني تي فوجي آپريشن ناهي ٿي رهيو. عزم استحڪام ملٽي ڊومين، ملٽي ايجنسي، هول آف دي سسٽم نيشنل ويزن آهي، پاڪستان ۾ استحڪام قائم ڪرڻ لاءِ هي نيشنل ايڪشن پلان کي ٻيهر متحرڪ ڪندو، ان کان علاوه ڪجهه به ناهي. هن مثال ڏنو ته نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون لکن جي انگ ۾ پاڪستان ۾ موجود آهن يا نه؟ هي ان غيرقانوني اسپيڪٽرم جو حصو آهي نه؟ ان ۾ اربين رپين جو ڪاروبار ٿي رهيو آهي نه؟ انهن ئي نان ڪسٽم پيڊ گاڏين اندر د??شت??رد به چُرپُر ڪن ٿا، جڏهن هڪ ملڪ ۾ ڪجهه ضلعن ۾ ڪجهه هنڌن تي اهو نارمل هجي ته بنا ڪاغذن جي گاڏي هلي سگهي ٿي ۽ اها به خبر ناهي ته اڳيان نمبر ڪهڙو لڳل آهي، ان وچ ۾ د??شت??رد به اچ وڃ ڪن ٿا. بي نامي ملڪيتُون، بي نامي اڪائونٽس ڇا اهي ان غيرقانوني اسپيڪٽرم جو حصو ناهن؟ جيڪڏهن توهان ان کي برداشت ڪندا ته ان جي اندر د??شت??رد به چُرپُر ڪندا. تماڪ، منشيات جي غيرقانوني اسمگلنگ ٿي رهي آهي، هزارين ٽن منشيات اسان جا لاڳاپيل ادارا پڪڙي چڪا آهن، غيرقانوني اسپيڪٽرم جي روڪٿام جي ضرورت آهي، اهي شيون د??شت??رد استعمال ڪن ٿا، انهن جي روڪٿام لاءِ نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان جي ضرورت آهي، غيرقانوني شيون گهٽ هونديون ته معاشري جي هر طبقي سميت معيشت جي بهتري ٿيندي. هن جو چوڻ هو ته ڪنهن کي به رياست جي عملداريءَ کي چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ان مهم جو مقصد د??شت??ردن ۽ ڏوهارين جي ڳٺ جوڙ کي ٽوڙڻ آهي. هن چيو ته عزم استحڪام ۽ قومي ايڪشن پلان ٻه تحريري دستاويز آهن، پر پوءِ به عزم استحڪام کي تڪراري بڻايو پيو وڃي. هڪ تمام مضبوط لابي آهي جيڪا چاهي ٿي ته هي جيڪي مقصد آهن اهي پورا نه ٿين. هن چيو ته 2014ع ۾ جڏهن اي پي ايس جو واقعو ٿيو ته سمورا اسٽيڪ هولڊرز گڏجي ويٺا ۽ نيشنل ايڪشن پلان بڻايو، جيڪو 21 نقطن تي ٻڌل هو. ان جا اثر به سڀني ڏٺا، آخري حڪومت ۾ وزيراعظم ايپڪس ڪميٽي ۾ نظرثاني ٿيل 14 نقطن وارو نيشنل ايڪشن پلان منظور ڪيو، ان ۾ به سياسي اتفاق راءِ هو. هن چيو ته هاڻي ڇو هڪ تمام وڏي سياسي ۽ غيرقانوني مافيا گڏ ٿي وئي آهي ته اسان اهو ڪم نه ٿيڻ ڏينداسين، انهن جي پهرين چال اها آهي ته هن کي تڪراري بڻايو وڃي. هن چيو ته نيڪٽا هر سال ريوائزڊ نيشنل ايڪشن پلان جي اپ ڊيٽ ڪندي آهي، اپ ڊيٽ مطابق ڪي پي ڪي ۾ سي ٽي ڊي جي صلاحيت 2437 آهي، جيڪي فيلڊ آپريٽرز آهن اهي 537 آهن، بلوچستان ۾ سي ٽي ڊي جو انگ 3438 آهي ۽ ان ۾ آپريشنل فيلڊ آپريٽرز 2776 آهي. هن ٻڌايو ته مدرسن کي ريگيوليٽ ۽ رجسٽرڊ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، اٽڪل 32 هزار کان وڌيڪ مدرسا آهن، پاڪستان ۾ هن وقت 16 هزار رجسٽرڊ آهن ۽ 50 سيڪڙو غير رجسٽرڊ آهن. هن چيو ته د??شت??ردي کي منهن ڏيڻ لاءِ د??شت??ردي جي خاتمي واريون ڪورٽون ٺاهيون ويون، هن وقت نيڪٽا مطابق اي ٽي سي ڪورٽس ڪي پي ڪي ۾ 13 ۽ بلوچستان ۾ 9 آهن، ايتري وڌيڪ د??شت??ردي آهي جو اسان هن سال ۾ 22400 کان وڌيڪ آپريشن ڪري چڪا آهيون پر گذريل سڄي سال ۾ بلوچستان ۾ صرف 10 سزائون ڏنيون ويون، ۽ ڪي پي ڪي ۾ 14، اسان 2014ع کان چئي رهيا آهيون ته اسان کي ڪرمنل جسٽس سسٽم مضبوط بڻائڻو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته افغانستان سان جيڪا سرحد آهي، افغانستان جا 6 ملڪن سان بارڊر لڳن ٿا. پاڪستان کان علاوه تاجڪستان، ترڪمانستان، ازبڪستان، چين، ايران سان به ان جي سرحد آهي. جيڪي افغانستان ۾ ترڪ، تاجڪ ۽ ازبڪ به رهن ٿا پر باقي ملڪن ڏانهن ته هو پاسپورٽ ذريعي وڃن ٿا، نارمل سرحد آهي، ويزا سسٽم آهي، ته پوءِ اسان جي سرحد تي ڇو شناختي ڪارڊ ڏيکاري اندر هليا اچن ٿا. ان کي هڪ سافٽ بارڊر رکيو آهي ڇاڪاڻ ته هو غيرقانوني اسپيڪٽرم کي سهولت ڏئي ٿو. هن چيو ته 2023ع ۾ ايل سيز کي گهٽ ڪيو ڇاڪاڻ ته ڊالرز جي کوٽ هئي ته توه??ن ڏٺو هوندو ته افغان ٽرانزٽ ٽريڊ هڪدم سان اربين ڊالرن جي لحاظ کان وڌي ويو، روزاني جي بنياد تي ڪروڙين رپيا تيل جي اسمگلنگ سان ٺاهيا ويندا آهن، 50 کان 60 سيڪڙو غيرقانوني سگريٽ وڪامندا آهن، اربين رپين جي ان ۾ مافيا آهي، هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن توهان غيرقانوني اسپيڪٽرم کي گهٽ نه ڪندا ته پوءِ معيشت بهتر نه ٿيندي، هن چيو ته ان ۾ ذاتي مفاد آهن جيڪي ان تي عملدرآمد نه ٿا ٿيڻ ڏين ۽ اهي تمام گهڻو پئسا ٺاهي رهيا آهن. هن بنون واقعي تي سوال جو جواب ڏيندي ٻڌايو ته 15 جولاءِ تي صبح وقت د??شت??ردن بنون ڪينٽ تي حملو ڪيو، اسان جي فوج ڀرپور جواب ڏنو ۽ اسان جا 8 جوان شهيد ٿيا، اسان جي جوانن همت ۽ بهادري سان د??شت??ردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو، امن مارچ به سڀني جي سامهون آهي، ان ۾ رياست خلاف نعريبازي ڪئي وئي، پٿراءُ ڪيو ويو، ان ۾ هٿياربند ماڻهو به شامل هئا، انهن فائرنگ ڪئي جنهن سان ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. فوج ايس او پي ۽ حڪمن مطابق جواب ڏنو آهي. 9 مئي جي واقعي کان پوءِ انتشاري ٽولي پروپئگنڊه شروع ڪري ڇڏي ته فوج انهن کي روڪيو ڇو نه، فوج جو نظام تمام واضح آهي، فوجي ٺڪاڻن تي جيڪڏهن حملا ڪيا وڃن ٿا ته پهرين ڳالهين کان پوءِ روڪيو ويندو آهي، پوءِ هوائي فائرنگ ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته 9 مئي جي سهولتڪارن، منصوبا ٺاهيندڙن کي جيڪڏهن رعايت ملي ۽ ذ??يو??رن کي ڪيفر ڪردار تائين نه پهچايو ويندو ته ملڪ اندر فاشزم وڌيڪ پکڙبو. هن چيو ته هڪ گروهه اندران شرپسند عنصر فائرنگ ڪري ماڻهن کي مارن ٿا ته انهن کي روڪڻ صوبائي حڪومت جو ڪم آهي، بنون واقعو ٿيو، پرامن احتجاج هئڻ گهرجي، د??شت??ردي جي واقعن تي ڪاوڙ اچڻ گهرجي ۽ د??شت??ردن خلاف مارچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته نور ولي جي ڪال ليڪ ٿي جنهن ۾ هن جو پيغام سڄي قوم ٻڌو آهي، اهو چئي رهيو آهي ته اسڪول، ڪاليج اڏائي ڇڏيو، اسپتالن اندر ڌماڪا ڪيو پر منهنجو نالو نه اچڻ گهرجي، هي ڪهڙو اسلام آهي، جنهن ۾ اسڪول، ڪاليج، اسپتال تباهه ڪرڻ جا حڪم آهن.