اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انتشار جي سرغني آخرڪار 9 مئي جي واقعي ۾ سهولتڪاري ۽ منصوبابندي جي جرم جو اعتراف ڪري ورتو، ان شرپسند انتشاري ٽولي جي خلاف سخت ڪارروائي ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن جي گهرج آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پ?? ٽي آءِ جي سياست سدائين تشدد ۽ شرپسندي جي ذريعي رياس?? کي نقصان پهچائڻ جي چوڌاري گهمندي رهي آهي. هن سدائين لاشن تي سياست ڪئي، 9 مئي تي 200 کان وڌيڪ فوجي ٺڪاڻن ۽ ج?? ا??ڇ ڪيو تي حملا ڪيا، ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران عمران نيازي جي خاندان جا ماڻهو موجود هئا جيڪي حملن جون هدايتون ڏيندا رهيا. هن چيو ته زمان پارڪ دهشتگردن جو تربيتي هيڊڪوارٽر بڻيل رهيو جتي پيٽرول بم تيار ڪيا ويندا ۽ سياست تي حملي جي تربيت ڏني ويندي رهي. وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻ، مل?? کي ڊيفالٽ ڪرائڻ، سائفر ڦڙڪائڻ جي سازش کان وٺي شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي، هن هر اهو ڪم ڪيو جيڪو ملڪ دشمن به نه ڪري سگه??و. ??طاءُ الله تارڙ چيو ته ان شرپسند، انتشاري ٽولي جي خلاف سخت ڪارروائي ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن جي گهرج آهي.