اسلام آباد _ 8 آگسٽ (اي پي پي )گهرو وزارت چيو آهي ته گذريل 3 سالن دوران ملڪ ۾ سائبر ڪرائيم جون 3 لک 86 هزار 600 شڪايتون داخل ڪرايون ويون آهن. جن مان 2 لک 46 هزار 751 شڪايتن جي تصديق جڏهن ته 48 هزار 153 انڪوائريون ڪيون ويون. گهرو وزارت طرفان قومي اسيمبلي کي فراهم ڪيل انگن اکرن مطابق مٿي ڄاڻايل ٽن سالن دوران شڪايتن تي انڪوائرين بعد 4 هزار 67 ايف آئي ??رز داخل ڪرايون ويون جڏهن ته 178 جوابدارن کي سزائون ڏنيون ويون. سال 2021ع ۾ سائبر ڪرائيم ونگ کي هڪ ??ک 15 هزار 868 شڪايتون مليون جن مان 80 هزار 803 جي تصديق ?? 15 هزار 766 جون انڪوائريون ڪيون ويون، هڪ ??زار 223 ايف آئي ??رز داخل ڪرايون ويون جڏهن ته 38 جوابدارن کي سزائون مليون. اهڙي طرح 2022ع ۾ هڪ هزار 223 ايف آئي ??رز داخل ڪرايون ويون جن مان 83 هزار 552 جي تصديق ?? 14 هزار 380 ڪيسن جون انڪوائريون ٿيون ۽ هڪ ??زار 469 ايف آئي ??رز داخل ڪرايون ويون جڏهن ته 48 جوابدارن کي سزائون ٿيون . 2023ع ۾ هڪ ??ک 34 هزار 710 شڪايتون مليون جڏهن ته 82 هزار 396 جي تصديق ٿي ۽ 18 هزار 12 انڪوائريون ڪيون ويون . هڪ ??زار 375 ايف آئي ??رز داخل ڪيون ويون جڏهن ته 92 هزار جوابدارن کي سزائون ٿيون.