اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرار??اد?? موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لا??ِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته هلندڙ هفتي جي شروع ۾ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ??ين??ن سان يڪجهتي طور ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي ه??ٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جا 5 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ”استحصال ڏهاڙو“ ملهايو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد ??سحاق ڊار گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي قيادت کي خط لکي انهن جو ڌيان 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي قدمن جي سنگين نتيجن طرف ڇڪرايو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرار??اد?? موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي پنهنجي مستقبل جو پاڻ فيصلو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي.