اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) ن??ڻي ۽ اوڳاڙين بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان برادر ملڪ ترڪي?? سان واپار، سيڙپڪاري ۽ فني س??ڪار سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه پاڪستان ۾ ترڪيه جي س??ير ڊاڪٽر مهمت پڪاسي سان الوداعي ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي. ن??ڻي واري وزير پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل قدمن ۽ ثقافت جي عڪاسي ??هن. ن??ڻي واري وزير ترڪيه جي واپار واري وزير جي قيادت ۾ واپاري وفد جي تازو پاڪستان جي دؤري جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته ان دؤري دوران توانائي، زراعت، بنيادي ڍانچي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نيون راهون تلاش ڪرڻ ۾ مدد ملي. ان موقعي تي ترڪيه جي س??ير پاڪستان ۾ قيام دوران پاڪستان حڪومت طرفان فراهم ڪيل تعاون ۽ حمايت کي ساراهيو. ڌُرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ شين ۾ واپار جي گڏيل معاهدي جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفو واپار 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي هدف جي حوالي سان اهم قدم آهي. هن حڪومتي ۽ بزنس ٽو بزنس رابطن ذريعي وڌيڪ قدمن جي اهميت تي روشني وڌي. ن??ڻي واري وزير عهدو ڇڏيندڙ سفير لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ پائيدار دوستي لاءِ پنهنجو ڪردار ايندڙ وقتن ۾ به جاري رکندو. هنن گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم جاري رکڻ جي عزم ج?? به ورجاءُ ڪيو.