اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز ??ريف چيو آهي ته مشڪل حالتن ۾ زندگي خطري ۾ وجهي انسانيون حياتيون بچائڻ بهادري آهي، پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ٻوڏ جي ريلي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائيندڙ ايڪسڪويٽر ڊرائيور محب الله تي پ??ري قوم کي فخر آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز ??ريف اهڙن خيالن جو اظهار بلوچستان جي علائقي قلعه عبدالله ۾ ٻوڏ جي ريلي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائيندڙ ايڪسڪويٽر ڊرائيور محب الله سان ڳالهائيندي ڪيو. هن محب الله کي 25 لک رپيا انعام ڏنو ۽ سندس ٻارن جي لاءِ مفت تعليم ۽ ٻين سهولتن جو پڻ اعلان ڪيو. هن وزيرا??ظم هائوس اچڻ تي محب الله کي ڀليڪار چيو. وزيرا??ظم محب الله جي انساني حياتيون بچائڻ جي جذبي کي ساراهيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، چيئرمين وزيرا??ظم يوٿ پروگرام راڻا مشهود احمد خان، وزيرا??ظم جي ماحولياتي تبديلي ب??بت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيرا??ظم چيو ته مون سميت پ??ري قوم کي توهان تي فخر آهي. توهان جي انسانيت سان محبت جي جذبي جي دل سان قدر ڪريان ٿو. وزيرا??ظم چيو ته توهان قوم جا هيرو آهيو، توهان همت سان ڪم وٺي قيمتي انساني حياتيون بچايون. اهڙين مشڪل حالتن ۾ پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهي انساني حياتيون بچائڻ بهادري جو ڪم آهي. وزيرا??ظم محب الله جي بهادري جي اعتراف ۾ کيس حڪومت پاران 25 لک رپيا انعام پڻ ڏنو. وزيرا??ظم محب الله جي ٻارن جي لاءِ يونيورسٽي تائين جي تعليم مفت ۽ ان جي خان??ان کي صحت جي مفت سهولتن جي فراهمي جو پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي محب الله وزيرا??ظم سان ڳالهائيندي چيو ته توهان سان ملاقات منهنجي لاءِ اعزاز ??ي ڳالهه آهي. ماڻهن جون حياتيون بچائڻ وقت قطعي طور تي اهو نه سوچيو هو ته اها ڳالهه پ??ري ملڪ ۾ مشهور ٿي ويندي. هن چيو ته وزيرا??ظم ۽ حڪومت جو ٿورائتو آهيان جو هن ان قدم کي ساراهيو ۽ منهنجي لاءِ قيمتي وقت ڪڍيو. وزيرا??ظم هائوس ۾ وزيرا??ظم پاران عزت افزائي تي دل سان ان جو ٿورائتو آهيان.