راولپنڊي-07 سيپ??مب?? (اي پي پي) سيڪيورٽي ف??رسز مهمند ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور هيڊڪوارٽر تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ چئن آپگهاتي بمبارن کي جهنم ڀيڙو ڪري ??ڏيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب 6 سيپ??مب?? 2024ع جي صبح جو سوير چئن خارجي دهشتگردن جي هڪ گروپ مهمند ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور هيڊڪوارٽر تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪيمپ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي سيڪيورٽي ف??رسز جي اهلڪارن اثرائتي طريقي سان ناڪام بڻايو ۽ ان جي نتيجي ۾ چئني آپگهاتي بمبارن کي گهربل نقصان پهچائڻ کان پهرين ئي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. علائقي ۾ ڪنهن به ٻئي موجود خارجي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ صفائي آپريشن ڪيو پيو وڃي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي ف??رسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جو خاتمو ڪرڻ لاءِ جرئتمنداڻي عزم سان بيٺل آهي.