اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وآله ??سلم جي ڏهاڙيءَ جي موقعي تي پوري قوم ۽ مسلم اُمت کي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته الله تعاليٰ اسان کي حضور اڪرم صلي الله عليه وآله ??سلم جي صوت ۾ هڪ عظيم نعمت سان نوازيو آهي جيڪا پور?? ڪائنات لاءِ رحمت جو سبب آهن. گهرو وزير چيو ته حضور اڪرم صلي الله عليه وآله ??سلم بهترين وصفن ۽ قدرن جا مظهر آهن. هن چيو ته حضور اڪرم صلي الله عليه وآله ??سلم جي تعليمات اسان لاءِ بهترين نمونو آهي، پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله ??سلم جي جي اچڻ سان سڄي دنيا روشن ٿي ۽ بي سهارا ماڻهن کي پناهه ڏني. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سمورن مسلمانن ج?? ڪاميابي جي ڪُنجي رسول الله صلي الله عليه وآله ??سلم جي تعليمات تي عمل ڪرڻ سان ئي آهي. هن ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته حضرت محمد صلي الله عليه وآله ??سلم هڪ مثالي سماجي، سياسي ۽ معاشي نظام پيش ڪيو، جيڪو دنيا لاءِ روشني جو مينار آهي. گهرو وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مسلم اُمت کي درپيش مسئلن جو حل سيرت النبي صلي الله عليه وآله ??سلم ۾ لِڪل آهي. هن چيو ته حضور اڪرم صلي الله عليه وآله ??سلم جي زندگي همدردي، رواداري، اتحاد ۽ ڀائيچاري جي روشن مثال آهي. رسول الله صلي الله عليه وآله ??سلم امن، انسانيت جي احترام، مساوات، عفو ۽ درگذار ۽ انصاف جو درس ڏنو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪ??و ته حقيقي ترقي، خوشحالي، امن ۽ استحڪام صرف حضور اڪرم صلي الله عليه وآله ??سلم جي تعليمات تي صحيح م??نائن ۾ عمل ڪرڻ س??ن حاصل ٿي سگهي ٿي. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي حضور اڪرم صلي الله عليه وآله ??سلم جي تعليمات تي صحيح م??نائن ۾ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ ۽ اسان جي وطن کي امن جو گهوارو بڻائي.