اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪ??ڊي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هن خيبرپختونخواهه جي مجموعي صورتحال، صوب?? جي مسئلن ۽ انهن ??ي حل بابت تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. خيبرپختونخواهه جي گورنر صوبي ۾ امن امان، معاشي استحڪام سميت عوام جي ڀلائي بابت کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي گورنر صدر آصف علي زرداري کي سوات ۽ مالم جبا جي وچ ۾ غيرملڪي سفارتڪارن جي قافلي تي دهشتگردن ??ي حملي ۽ صوب?? جي ڏاکڻي ضلعن توڙي ضم ڪيل قبائلي ضلعن ۾ دهشتگرد?? جي واقعن ۾ اضافي ۽ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي آگاهي ڏني. صدر آصف علي زرداري صوب?? جي بهتر?? جي لاءِ گورنر فيصل ڪريم ڪ??ڊي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.