اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ملائ??شي?? جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي بزنس ڪميونٽي کي گڏيل منصوبن ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي تعاون مان ڀرپور فائدو کڻڻو آهي جڏهن ته ملائ??شي?? جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو ته معاشي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ پاليسين جو تسلسل لازمي آهي، اسان ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ملائ??شي?? – پاڪستان اعليٰ سطحي بزنس ڊائيلاگ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ملائ??شي?? جي وزيراعظم انور ابراهيم سان ملاقات دوران اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيترن ئي اهم شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم مختلف شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه کي مثبت قرار ڏنو ۽ ان تي اطمينان ۽ خوشي جو اظهار ڪيو. هن ??يو ته ملائ??شي?? جي وزيراعظم کي پاڪستاني واپارين ۽ ملائ??شي?? جي واپارين کي گڏيل منصوبن جي لاءِ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو آهي. هن ??يو ته ٻئي ملڪ حلال گوشت، آءِ ٽي، اي وي، سيمي ڪنڊڪٽر سميت ٻين گڏيل مفاد جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏئي سگهن ٿا، ??اڻ?? اهو اسان تي آهي ته ان موقعي مان ڪهڙي طرح فائدو کڻون ٿا. هن ??يو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان اعليٰ معيار جي مصنوعات جي مٽاسٽا ڪري سگهون ٿا، ملائ??شي?? کي اعليٰ قسم جو حلال گوشت جلد برآمد ڪنداسين، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۾ هنرمند ماڻهن جي لاءِ وسيع موقعا دستياب آهن. هن ??يو ته ملائ??شي?? جي وزيراعظم جي دعوت تي ملائ??شي?? جو دورو ڪندس جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جون نيون راهون کلنديون ۽ ٻطرفي معاهدن تي عملدرآمد ۾ تيزي آندي ويندي. هن ??يو ته پاڪستان ۽ ملائ??شي?? دنيا جي ٻين ملڪن جي لاءِ رول ماڊل آهن. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ملائ??شي?? جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو ته هي بزنس ڊائيلاگ منعقد ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بزنس ليڊرز جو ٿورائتو آهيان، پاڪستان ۽ ملائ??شي?? جي وفدن جي وچ ۾ ملاقات دوران گڏيل تعاون جي فروغ ۽ مختلف موقعن ۽ منصوبن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۾ نسٽ ۾ بهترين ريسرچ ڪئي وڃي ٿي، اسان پاڪستان جي سائنس ۽ ريسرچ جي شعبي ۾ تجربن مان فائدو کڻنداسين. هن ??يو ته معاشي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ پاليسين جو تسلسل لازمي آهي، هو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، برآمدات جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهن، اسان گوشت، چانور پاڪستان مان درآمد ڪري سگهون ٿا، آسيان فورم تحت معاشي رابطن جي فروغ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اقتصادي تعاون وڌائڻ جي لاءِ بزنس ڪميونٽي ۾ رابطا اهميت رکندڙ آهن.