اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اس??اق ڊار نجڪاري ڪميشن سان او جي ڊي سي ايل جي شيئرز جي منتق??ي بابت ڪابينا ڪميٽي جي ??جل??س جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ??جل??س ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، ايس اي سي پي جي چيئرمين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪميٽي او جي ڊي سي ايل جي شيئرز جي سوورين ويلٿ فنڊ ۾ منتقلي ۽ فند جي جلد آپريشنلائيزيشن جي قد??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان سوورين ويلٿ فنڊ ايڪٽ 2023ع تحت تجويز ڪيل ايڊوائيزري ڪميٽي ايڪٽ تحت مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ فنانس، معاشيات يا ٻين لاڳاپيل شعبن جي اهم ماهرن تي ٻڌل هوندي.