اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??نگ??ائي تعاون تنظيم جي اجلاس جو ڪامياب انعقاد سفارتي ميدان ۾ پاڪستان جي لاءِ تمام وڏي ڪاميابي آهي، ملڪي معيشت مثبت رخ ۾ گامزن آهي، معيشت جي استحڪام جي لاءِ سڀني قرباني ڏني، قومي مفاد جي لاءِ اسان پنهنجي اتحادين سان گڏجي خوشحال پاڪستان طرف گامزن آهيون. وزيراعظم آفيس جي پريس و??گ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جي سينيٽرز جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو. تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ حڪومتي ۽ اتحادي پارٽين جا سينيٽرز شريڪ هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم ??نگ??ائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي پاڪستان ۾ ڪامياب انعقاد تي سمورن اڳواڻن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ??نگ??ائي تعاون تنظيم جي اجلاس جو ڪامياب انعقاد سفارتي ميدان ۾ پاڪستان جي لاءِ تمام وڏي ڪاميابي آهي، ان اجلاس جي ڪامياب انعقاد سان پاڪستان جو سفارتي پروفائيل عالمي سطح تي وڌيڪ مستحڪم ٿيو آهي، ??نگ??ائي تعاون تنظيم جي ڪاميابي جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن گڏجي ڪوشش ڪئي، ??نگ??ائي تعاون تنظيم جي اجلاس کان اڳ چيني وزيراعظم جو انتهائي ڪامياب دورو ٿيو، ??نگ??ائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي ڪاميابي ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جو اهم ڪردار آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت مثبت رخ ۾ گامزن آهي، مهانگائي ۾ مختصر عرصي ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آئي آهي، معيشت جي استحڪام جي ڪري پاڪستان 2025ع جي هدفن کي 2024ع ۾ ئي حاصل ڪري ورتو. هن چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ مستقل اضافو ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جو عڪاس آهي. هن چيو ته معيشت جي استحڪام جي لاءِ سڀني قرباني ڏني، اڳ ۾ به بار بار چيو ته پنهنجي مخالفن کي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ محنت ڪري جواب ڏينداسين. وزيراعظم اتحادي پارٽين جي سينيٽ ۾ اڳواڻن کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان سڀ سياست جي قرباني ڏئي تمام گهڻي محنت ڪئي، معاشي استحڪام ۽ سفارتي ڪاميابيون ان جو نتيجو آهن، هن ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين ۽ عوام قرباني ڏئي هن ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍيو، ملڪي ترقي جي لاءِ سموريون سياسي پارٽيون ۽ ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، قومي مفاد جي لاءِ اسان پنهنجي اتحادين سان گڏجي خوشحال پاڪستان طرف گامزن آهيون.