اسلام آباد -28 آڪٽوبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسپيڪر ويلنٽينا مٽ??ينيڪو جي پاڪستان جي دوري سان پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جا نوان رستا کلندا. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب انهن خيالن جو اظهار هن روسي فيڊريشن جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنٽينا مٽ??ينيڪو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن گذريل ڏينهن وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ س??ارتي، معاشي، واپاري ۽ پارلياماني لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ويلنٽينا مٽ??ينيڪو جي پاڪستان دوري سان پاڪسان ۽ روس جي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جا نوان رستا کلندا. سندس دوري سان علائقائي امن، ترقي ۽ خوشحالي کي به سگهه ملندي. سيد يوسف رضا گيلاني 2010ع ۾ پنهنجي روس جي دوري دوران صدر ولادي مير پيوٽن سان پنهنجي ملاقات ۽ اُن وقت ٿيل معاهدن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جي تيل ۽ گئس جي شعب?? سميت انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ روس جي معاونت کي ساراهيون ٿا. پاڪستان جي سينيٽ ۾ هڪ اثرائتو پاڪستان – روس دوستي گروپ جوڙيو ويو آهي. عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ عوامي نمائندا بهترين رهنمائي فراهم ڪري سگهن ٿا. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود واپاري ڳاڻيٽي کي اڃا وڌائڻ سميت، مختلف شعبن ۾ س??ڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ نوان موقعا ڳولهڻ جي ضرورت آهي. نارٿ-سائوٿ ٽرانسپورٽ راهدار?? تمام اهم آهي. ان موقعي تي اسپيڪر ويلنٽينا مٽ??ينيڪو سينيٽ چيئرمين پاران شاندار استقبال تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته روس پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان سان واپاري، اقتصادي، سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي. پاڪستان ۾ س??ڙپڪاري ۾ اضافي سميت مختلف شعبن وچ ۾ س??ڪار کي به هٿي ڏني ويندي. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيون ٿا. هن چيو ته پارلياماني لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ سان نه رڳو ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي پر عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ به مدد ملندي.