اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي ڪر??زستان، فلسطين، عوامي جمهوريه ڪوريا، ازبڪستان، ڪينيا ۽ جمهوريه ترڪيه جي سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد تقريب ۾ سفارتي سند??ن پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نامزد سفيرن صدر سان جدا جدا ملاقات??ن پڻ ڪيون. ان موقعي تي صدر سفيرن کي پاڪستان ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏني. صدر کي جمهوريه ڪر??زستان جي نامزد سفير اوازبيڪ اتاخانوف، فلسطين جي نامزد سفير ڊاڪٽر زوهير محمد حمدالله زيد، جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير چوچانگ مين، ازبڪستان جي نامز?? هاءِ ڪمشنر علي شير تختائي، ڪينيا جي نامز?? هاءِ ڪمشنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) پيٽرمبو گونجيرو ۽ ترڪيه جي نامزد سفير عرفان نزير اوگلو سفارتي سند??ن پيش ڪيون. نامزد سفيرن صدر سان جدا جدا ملاقات??ن پڻ ڪيون. ان موقعي تي صدر اميد ظاهر ڪئي ته غيرملڪي سفير پاڪستان سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪندا. ان کان اڳ سفيرن کي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.