راولپنڊي-29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي ??ربراهه ايئر چيف مارشل ظهير ا??مد بابر سڌو سان روسي فيڊريشن جي نائب دفاع واري وزير ڪرنل جنرل اليگزينڊر وي فومين جي ??ڳواڻيءَ ۾ هڪ ??عليٰ سطحي وفد ايئر ه??ڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي ??هڪار ۽ صنعتي ڀائيواريءَ کي هٿي وٺرائڻ تي ڌيان ڏنو ويو، ج??هن ته گڏيل فوجي مشقن ۽ پاڪ فضائيه جي ??وزارن جي فني معاونت ذريعي موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا نوان موقعا تلاش ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر موجب ايئر چيف روس سان فوجي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڀريندي گڏيل تربيتي پروگرامز، فوجي مشقن ۽ صنعتي ڀائيواريءَ جي ??هميت کي اجاگر ڪيو. ڪرنل جنرل ايگزينڊر وي فومين موجوده قيادت تحت پاڪ فضائيه ۾ ٿيل تازي شاندار اڳڀرائيءَ کي ساراهيو. هن پاڪستان سان موجوده دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??زم جو اظهار ڪندي فوجي لاڳاپا ۽ پاڪ فضائيه جي ??وزارن جي فني معاونت جي فراهمي جاري رکڻ جي ??اطري ڪرائي.