را??لپ??ڊي-30 آڪٽوبر (اي پي پي) روسي فيڊريشن جي بچاءَ واري ??ائ?? وزير ڪرنل جنرل اليگيزنڊر وي فومين نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو دؤرو ڪيو ۽ نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دل??سپيءَ جي پيشوراڻن معاملن، علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ ٻه طرفي بحري معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب نيول چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان رشين فيڊريشن سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ڊگهي مدي واري شراڪتداريءَ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ ٻنهي بحري فوجن وچ ۾ ٻه طرفي تربيت، بحري جنگي جهازن جي دؤرن ۽ ٻه طرفي بحري مشقن جو بندوبست ڪرڻ سميت مختلف پهلوئن تي پڻ غور ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ميري ٽائم سيڪيورٽي ۽ بحري ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي ??تفاق ڪيو. روسي فيڊريشن جي بچاءَ واري ??ائ?? وزير خطي ۾ ميري ٽائم سيڪيورٽي ۾ پاڪ بحريه جي مستقل ڪوششن ۽ بلند عزم جو اعتراف ڪيو.