اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته گلگت بلتستان جي گهانچي جهڙي ڏورانهن علائقي ۾ ا??لي?? ت??لي?? جي اداري رمدي يونيورسٽي جو قيام ا??تهائي خوش آئنده آهي، گلگت بلتستان جي ترقي ۽ اتان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان ۾ ??اگ??س، ضلعي گهانچي وٽ قائم ڪئي ويندڙ رمدي يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب اسلام آباد ۾ منعقد ٿي. رمدي يونيورسٽي هڪ ٽرسٽ تحت قائم ڪئي پئي وڃي. رمدي يونيورسٽي جي تعمير سمنڊ پار پاڪستانين سميت سڄي پاڪستان مان سرندي وارن ماڻهن جي تعاون سان مڪمل ٿيندي. ان کانسواءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف رمدي يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ??يو ته جسٽس (ر) خليل الرحمان رمدي ۽ سندس سمورن ساٿين کي دل جي گهراين سان رمدي يونيورسٽي جي قيام جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، رمدي يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان تعاون ڪندڙ سمورن ادارن ۽ ماڻهن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن ??يو ته اڄ اسان سڀ گڏجي هتان جي ٻارن ۽ ٻارڙين جي روشن مستقبل جو بنياد رکيو آهي، گلگت بلتستان جي گهانچي جهڙي ڏورانهين علائقي ۾ ا??لي?? ت??لي?? جي اداري جو قيام ا??تهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم ??يو ته مون کي يقين آهي ته 11 هزار فٽ جي بلندي تي ??اگ??س وٽ قائم ٿيندڙ اها يونيورسٽي جديد علم ۽ تحقيق جي معيار جون بلند چوٽيون پار ڪندي، انشاءَ الله پاڪستان ۾ ت??لي?? جي فروغ ۾ نجي شعبي جو ڪردار انتهائي اهم آهي، نجي ت??لي??ي ادارن مان فارغ ٿيندڙ شاگردن هر شعبي ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. هن ??يو ته گلگت بلتستان جي ترقي ۽ اتان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، گذريل ڏينهن گلگت بلتستان جي دوري دوران ٻوڏ کان متاثر 62 خاندانن کي گهر حوالي ڪيا ويا آهن، گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي جيڪو علائقي جي بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. وزيراعظم ??يو ته ڪالهه ئي گلگت بلتستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان گلگت بلتستان جا قابل ۽ مستحق شاگرد فائدو کڻي سگهندا ۽ معاشري جي تعميري ماڻهن جي طور تي پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهندا. تقريب ۾ جسٽس (ر) خليل الرحمان رمدي، رمدي يونيورسٽي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته رمدي يونيورسٽي گلگت بلتستان جي ضلعي گهانچي جي علائقي ??اگ??س ۾ 200 ڪينال ايراضي تي قائم ڪئي پئي وڃي، رمدي يونيورسٽي دنيا جي بلند ترين جاين تي تعمير ڪئي ويندڙ يونيورسٽين مان هڪ هوندي، يونيورسٽي ۾ ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي، هائيڊرولوجي، معدنيات سميت ٻين مضمونن جي ت??لي?? ڏني ويندي. اسفنديار ولي رمدي اسڪول گهانچي جي شاگردن قومي ترانو پيش ڪيو. اسفنديار ولي اسڪول گهانچي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڊيو لنڪ جي ذريعي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.