اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ يونيورسٽي آف سرگوڌا ۾ ڪميونيڪشن شعبي اينڊ ميڊيا ا??ٽڊيز جي شاگردن کي انٽرن شپ جا موقعا فراهم ڪرڻ، نيوز رائٽنگ، ر??ور??نگ ۽ صحافت جي مختلف رخن ۾ تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن. ايم او يو تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ۽ سرگوڌا يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ملڪ قيصر عباس هڪ باضابطا ا??لاس ۾ صحيحون ڪيون. ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ميان غلام ياسين، ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا ا??ٽڊيز شعبي جو چيئرپرسن ڊاڪٽر مدثر حسين شاهه ۽ شاگردن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. معاهدي موجب سرڪاري خابرو اداري (اي پي پي) ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا ا??ٽڊيز ڊپارٽمينٽ جي شاگردن کي موقعا فراهم ڪندو ۽ انهن کي ر??ور??نگ جي تربيت فراهم ڪندو. اي پي پي يو ايس ٽي وي ۽ وي او وي ايف ايم 98.2 کي پنهنجي نيو?? پروگرامن ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي نيوز ڪريڊ تائين خصوصي پهچ فراهم ڪندي. جڏهن ته ٻئي ڌريون گڏيل طور تي تربيتي ورڪشاپس ۽ ميڊيا بابت ٻين سرگرم??ن جو اهتمام ڪنديون.
تقريب کي خطاب ڪندي اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي چيو ته ايم او يو سان تعليمي علم ۽ ميڊيا پريڪٽسز جي وچ ۾ فرق کي ختم ڪري سگهبو. اهو ميڊي?? جي شاگردن کي صحافت ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ضروري مهارتن سان ليس ڪندو، جنهن سان انهن کي چٽاڀيٽي واري ميڊي?? جي منظرنامي ۾ برتري حاصل ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جي حصيداري هڪ بهترين ۽ پيشيواراڻي طور تي تربيت يافته افرادي قوت تيار ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي جيڪا معاشري ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. عاصم کچي ميڊيا ۾ ايندڙ تبديلين تي پڻ روشني وڌي. هن چيو ته ”ڊيجيٽل ميڊيا ا??ان جي استعمال ۽ خبرن جي تياري جي طريقي کي نئين شڪل ڏئي رهي آهي، جنهن سان اڄ جي صحاف??ن جي لاءِ موقعا ۽ چئلينجز ٻئي پيدا ٿي رهيا آهن. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر چيو ته روايتي کان ڊيجيٽل ميڊيا طرف منتقل ٿيڻ جي لاءِ چٽاڀيٽي، فني مهارت ۽ ناظر??ن جي وڌندڙ ضرورتن جي گهري تفهيم جي ضرورت آهي. هن چيو ته هي ايم او يو شاگردن کي ان متحرڪ منظرنامي ۾ تيار ڪندو ۽ انهن کي مستقبل جي لاءِ تيار ميڊيا پروفيشنلز بڻجڻ جي لاءِ بااختيار بڻائيندو. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر قيصر عباس سرڪاري خابرو اداري (اي پي پي) ۽ ميڊيا ڊپارٽمينٽ جي وچ ۾ تربيتي معاهدي جي آجيان ڪئي. هن چيو ته اهڙي طرح جا معاهدا هڪ ٻئي جي تجربن جي مٽاسٽا ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته اي پي پي نه رڳو سڄي ملڪ ۾ پر ??ور?? دنيا ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن يونيورسٽي جي شاگردن کي سکڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ تي اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان سرگوڌا جو اسٽيشن انچارج مخدوم شاهه لطيف، اي پي پي ايمپلائيز يونين اسلام آباد جي صدر خضر زمان ملڪ، سيڪريٽري ايم ڊي ملڪ سليم اعواڻ، اي پي پي ايمپلائيز يون??ن جو جنرل سيڪريٽري ملڪ نديم حسين، اي پي پي پينل جا صحافي اطهر نديم، راڻا محمد وقاص، تنوير احمد قريشي پڻ موجود هئا.