اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان اسلامڪ رليف جي وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان م??جب وفد جي قيا??ت برطانيه جي ڪونسلر شاهين اشرف ڪئي. وقتي چيئرمين اسلامڪ رليف جي وفد کي چيمبر ۾ ڀليڪار ڪيو. وقتي چيئرمين چيو ته اسلامڪ رليف قدرتي آفتن د??را?? انسانيت جي خدمت ڪئي، جنهن سندن شڪرگذار آهيون. پاڪس??ان ۾ زلزلن، ٻوڏن ۽ سوڪهڙي سبب پيدا ٿيل صورتحال ۾ اسلامڪ رليف جا رضاڪار سڀ کان اڳيان رهيا. سيدال خان م??اقات د??را?? چيو ته بلوچس??ان صوبي ۾ اسلامڪ رليف ڏ??را??هن علائقن ۾ وڃي رليف جو ڪم ڪيو. اڄ به اسلامڪ رليف جي مختلف منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مختلف علائقن ۾ رليف سينٽر جو قيام تعريف جوڳو آهي، مشڪلن گهڙين ۾ رليف فراهم ڪرڻ انسانيت جي تمام وڏي خدمت آهي. وفد وقتي چيئرمين جو ٿورو مڃيو ۽ بلوچس??ان سميت ٻين پٺتي پيل علائقن ۾ نَون م??صوبن جي شروعات لاءِ عزم جو اظهار ڪيو.