برسلز – 28 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ بيلجيئم جي شهر برسلز ۾ منعقد ”ٻه رياستي حل ??اڳ?? ڪرڻ جي ل??ءِ عالمي اتحاد“ جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب عالمي اتحاد جو پهريون اجلاس گذريل سال سعودي عرب جي شهر رياض ۾ منعقد ٿيو هو. عالمي اتحاد جي شروعات گذريل سال رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ وچ اوڀر ۾ هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار امن کي اڳتي وڌائڻ جي ل??ءِ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اسرائيلي قبضي جو خاتمو ۽ فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ پڻ شامل آهي. پرڏيهي سيڪريٽري فورم کي خطاب ڪندي غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪيو ۽ فلسطين مسئلي جي حل ل??ءِ هڪ جامع موقف، فلسطين جي هڪ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جيڪا 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ القدس الشريف ان جي گادي وارو شهر هجي ۽ گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مڪمل ميمبرشپ سان گڏوگڏ فلسطيني ڪاز جي ل??ءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي ل??ءِ عالمي برادري جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.